اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار جو ”عورتون ترقي جي ايجنڊا جو مرڪز آهن“ جي موضوع تي پلينري سيشن پ??رل??امينٽ هائوس ۾ ٿيو. انساني حقن بابت پ??رل??اماني سيڪريٽري سيده ??وش??ن افتخار صدارت ??ئي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي عورتن جي نمائنده ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، ڪشور زهره، ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، پ??رل??اماني ڪاڪس جي نمائنده شاهده رحماني ۽ هراسمينٽ بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق شرڪت ??ئي. اجلاس جي صدارت ڪندڙ سيده ??وش??ن افتخار سيشن کي آگاهه ڪيو ته ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ جي حق ۽ ڪم جي جاين تي غيررسمي ۽ روزگار جي کوٽ وڏيون رڪاوٽون آهن. هن چيو ته 20 اسرندڙ ايشيائي ملڪن ۾ عورتن جي افرادي قوت جو اٽڪل 40 سيڪڙو حصو آهي پر ان مان رڳو 14.4 سيڪڙو اعليٰ انتظامي عهدن تي فائز آهي جڏهن ته عالمي سراسري 27.9 سيڪڙو آهي. ڪشمالا طارق خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هراسمينٽ جي خلاف اڳتي وڌي رهيو آهي. گذريل چئن سالن ۾ اسان 5000 ڪيسز حل ڪيا آهن ۽ ايستائين جو اعليٰ عملدارن تائين کي معطل ڪيو ويو آهي جن ۾ يورپ ۾ مقرر هڪ سفير ۽ پوليس آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ سزا ڏني وئي. پاڪستان پهريون ملڪ هو جنهن مخصوص سيٽن تي عورتن جي نمائندگي شروع ڪئي ۽ هاڻي پ??رل??امينٽ جو 30 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ پي يو کي مردن جي برابر جنرل سيٽن تي عورتن جي نمائندن کي فروغ ڏيڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ پاران عورتن کي بااختيار بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون ته پاڪستان ان سلسلي ۾ دنيا سان شامل هوندو. پاڪستان ۾ عورتن جي شڪايتن جي داخلا ۽ ازالي جي لاءِ جديد ترين ويب سائيٽ شروع ڪئي آهي. گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ عورتن بابت نمائنده هڪ تفصيلي پريزنٽيشن پيش ڪئي جنهن ۾ تازي ٻوڏ دوران متاثر ٿيندڙ عورتن جي خراب حالت ۽ قانونسازي جي عمل ۾ عورتن جي مدد جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن تي روشني وڌي وئي. عورتن جي پ??رل??اماني ڪاڪس پاران شاهده رحماني اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪاڪس عورتن، کدڙا فقيرن ۽ خصوصي ضرورتون رکندڙ ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته پ??رل??امينٽ جي بز??س ۾ عورتن جو حصو 70 سيڪڙو آهي.
آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار ۾ عورتون ترقي جي ايجنڊا جو مرڪز آهن جي موضوع تي پلينري سيشن
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی