اسلام آ??اد – 15 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي اتر ويرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سيڪيورٽي اهلڪارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صادق سنجراڻي متاثر خا??دا??ن سان همدردي جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين شهيد لانس حوالدار زبير قادر، سپاهي عزيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود کي خراج عقيدت پڻ پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل