اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ڄ نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪندو ۽ غير ملڪي جي شناختي ڪارڊن ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ۽ شناختي ڪارڊ جي قومي تصديق ۽ تجديد جي منصوبن جو افتتاح ڪندو. ذريعن موجب نادرا چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ جي ويزن ڊجيٽل پاڪستان ??ي بريفنگ ڏيندو، وزيراعظم نادرا هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران 66 نئين نادرا آفيسن ۽ 90 نئين موبائيل رجسٽريشن گاڏين جو به افتتاح ڪندو، وزيراعظم جي هدايتن تي نادرا آفيسن جو دائرو سڄي ملڪ جي سمورن تعلقن تائين وڌايو پيو وڃي، وزيراعظم عمران ??ان پنهنجي واعدي جي تڪميل ڪندي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ??هندڙ پرڏيهين جي سماجي ۽ معاشي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايليئن شناختي ڪارڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو افتتاح ڪندو. ان کانسواءِ ڪارڊ جي بدلي پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي ماڻهن ۽ انهن جا وارث پنهنجو ڪاروبار، نجي تعليمي ادارن ۾ داخلا جي سهولت، نجي ملازمت حاصل ڪرڻ، موبائيل سم ڪارڊ، بجلي گئس جا ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ، بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ، گاڏي جي رجسٽريشن ۽ خريد ۽ وڪري جهڙين سهولتن مان مستفيد ٿي سگهندا ۽ اهو ڪارڊ رکندڙ ماڻهو فارن ايڪٽ تحت قانوني چاره جوئي کان ??چي به سگهندا.وزيراعظم عمران ??ان ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لاءِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ڪووڊ – 19 پاس جو به افتتاح ڪندو، ان موبائيل ايپ جي ذريعي ملڪ ان??ر ۽ ٻاهرين ملڪ سفر ڪندڙ پاڪستاني يا حڪومتي ادارا ڪنهن به جاءِ ڪوڊڊ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي فوري تصديق ڪري سگهندا. نادرا پنهنجي سسٽم کي جديد رخن تي هموار ڪري اهو ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي ته هڪ عام ماڻهو به پنهنجي فون مان ڪنهن به ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي اصلي يا جعلي هجڻ جو پتو لڳائي سگهي ٿو، نادرا جي سسٽم مان ??اري هر ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ تي هڪ ڪيو آ?? ڪوڊ هوندو آهي جنهن کي موبائيل جي ڪئميرا سان ??سڪن ڪيو وڃي ته ان ??ي سرٽيفڪيٽ جي اصل مالڪ جو نالو، پاسپورٽ نمبر ۽ ٻيا دستياويز سامهون اچي ويندا تنهن ڪري اهو ممڪن ??ي ناهي ته ڪو ڪنهن ٻي جي سرٽيفڪيٽ تي جعلسازي سان پنهنجو نالو لکي، وزيراعظم ان موقعي تي جعلي شناختي ڪارڊن جي خاتمي لاءِ آرٽيفيشل انٽيلي جنس تي ٻڌل نادرا جي متعارف ڪرايل نظام جو به افتتاح ڪندو، تصديق ۽ تجديد جي ان نظام کي نادرا جي نئين چيئرمين محمد طارق ملڪ تمام ٿوري وقت ۾ تخليق ڪيو آهي ۽ ان ??ي مدد سان نادرا ڊيٽابيس سان ??ير ملڪي ماڻهن کي باآساني ڪڍڻ ممڪن ٿيندو. نئين متعارف ڪيل ان ??ديد نظام تحت نادرا ڊيٽابيس ۾ موجود خاندانن جا سربراهه گهر ويٺي پنهنجي خاندان ??ي ماڻهن جي تفصيل ۽ تصديق ايس ايم ايس جي ذريعي پنهنجي موبائيل تي ڪري سگهندو، پنهنجي خاندان ۾ ڪنهن به اجنبي ماڻهو جي موجودگي جي صورت ۾ نادرا کي آگاهه ڪري سگهندو، نادرا ان ??جنبي ماڻهو جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي. وزيراعظم عمران ??ان کي نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ڊجيٽل پاڪستان ??ان ??دت ۽ صلاحيتن تي ٻڌل روڊ ميپ پيش ڪندو.
وزيراعظم عمران خان اڄ نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado