ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اسان جي ملڪ جي اڌ ??با??ي عورتن تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ هڪ مثالي رياست جي قيام لاءِ عورت?? کي سندن جائز حق ڏيڻا پوندا، عورت?? کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ هڪ اسلامي ۽ مثالي رياست جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿو ٿي سگهي، معاشري کي عورتن لاءِ محفوظ بنائڻو آهي، اسان جي ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ عورت?? کي وراثت جي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي جيڪا سراسر نا انصافي آهي ۽ اسلام جي روح جي برخلاف آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان عورت?? کي معاشي طور تي خودمختيار بنائڻ لاءِ گهڻيون سٺيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن، عورت?? کي انهن سهولتن کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. انهن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ آل پاڪستان ويمنز ايسوسيئي??ن جي انتظام هيٺ ”پاڪستان ۾ صنفي برابري جي صورتحال“ جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته پاڪستاني عورتن هميشه مردن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ آل پاڪستان ويمنز ايسوسيئي??ن جو قيام به تحريڪ پاڪستان جي سرگرم عورت اڳواڻ بيگم رعنا لياق علي خان عمل ۾ آندي. ابتدائي طور تي ان مقصد جو ورهاڱي بعد مهاجرن جي ٻحرا?? کي منهن ڏيڻ هو. اپوا جي تاريخ مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته پاڪستاني عورتون ڪنهن کان گهٽ نه آهن ۽ جڏهن به پاڪستا?? کي ضرورت پئي آهي اسان جي عورتن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. اپوا عورتن جي حقن ۽ قانونن جي بهتري لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي وڏي تعداد کي وراثت ۾ حصو نه ملندو آهي. هن چيو ته اهو افسوس جو مقام آهي ته اسلام ۾ عورتن جي وراثت جي حوالي سان تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي، عورت?? کي وراثت ملڻ گهرجي پر اسان جي ملڪ جي ملڪ جي ڪن علائقن ۾ عورت?? کي وراثت جي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناانصافي آهي ۽ اسلام جي روح جي برخلاف آهي. خاتون اول چيو ته معاشري کي عورتن لاءِ محفوظ بنائڻ گهڻو ضروري آهي. گهر ۽ گهر کان ٻاهر عورتن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي ، اسا?? کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ تي ڪم ڪرڻو آهي، حڪومت ان تي ڪم ڪري رهي آهي. اسين عورت دوست معاشري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. عورتن جي ڀلائي ۾ ڪٽنب جي ڀلائي آهي ۽ ڪٽنب جي ڀلائي ۾ معاشري جي اصلاح آهي. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ بريسٽ ڪينسر جي عدم آگاهي سبب فوتگين جي شرح تمام گهڻي آهي. آگاهي لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر ان تي اسا?? کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پاڪستان کي مثالي رياست قائم ڪرڻ لاءِ عورتن کي جائز حق ڏيڻا پوندا: ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون