اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن م??جب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 208 مريضن جا ٽيسٽ م??بت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 34 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دور??ن فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 38 هزار 544 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 12 هزار 430، پنجاب ۾ 15 هزار 3، خيبرپخ??ون??وا ۾ 3 هزار 473، اسلام آباد ۾ 5 هزار 975، بلوچستان ۾ 626 ، گلگت بلتستان ۾ 297، آزاد ڪشمير ۾ 740 ٽيسٽ شامل آهن. ه?? وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 25 هزار 788 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض ه?? وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 869 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 228 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 63 هزار 380 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ