اسلام آباد – 25 ج??لاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ جدوجهد جاري رهندي، 25 ج??لاءِ 2018ع تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ 22 ڪروڙ عوام گڏجي ??ئي?? سوچ جو بنياد رکيو، هڪ فرسوده، مراعت يافته، اقرباپروري ۽ ڪرپٽ نظام کي شڪست ملي، اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي. 25 ج??لاءِ 2018ع جي چونڊن جي مناسبت سان اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فرسوده نظام جا خالق ملڪي ادارن ۽ معيشت کي کوکلو ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪندا رهيا. جڏهن اسان کي اقتدار مليو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتون درپيش هيون، ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو، سمورين مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي ب??وج??د وزيراعظم جي قيادت ۾ ??ئي?? عزم سان سڌارن طرف وڌياسين. هن چيو ته ڪورونا وبا کي نه رڳو منهن ڏنو پر معيشت ۽ صحت ٻنهي کي اهميت ڏني وئي.
ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وزيراعظم جي قيادت ۾ جدوجهد جاري رهندي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔