اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته تربيلا فور توسيعي منصوبو حڪومت جي ڪوششن سان وقت سر ۽ مقرر قيمت ۾ مڪمل ٿيو آهي، عالمي بئنڪ جي مدد سان منصو??و مڪمل ٿيو، اسان جرمني جي ٺيڪيدارن، برطانيه جي ڪنسلٽنٽ، چين جي ٺيڪيدارن ۽ ترڪي جي ماهرن جي مدد سان 470 ميگاواٽ جو منصوبو وقت سر مڪمل ڪيو آهي، جون تائين 1410 ميگاواٽ جو منصو??و مڪمل ڪنداسين، جيڪو توانائي جي ملڪي ضرورتن جي وقت سر تڪميل ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان سان نه رڳو مناسب وقت تي بجلي جي ضرورت پوري ٿيندي پر سستي ۽ ماحولياتي آلو??گي کان پاڪ بجلي فراهم ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تربيلا فور توسيعي منصوبي جي پهرين يونٽ جو افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت