ڪويت سٽي – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪويت جي وزيراعظم شيخ جابر المبارڪ الحامد الصباح سان بايان پيلس ۾ ملاق??ت ڪئي ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته هڪ لک 14 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني ڪويت ۾ رهن ٿا جيڪو ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو ثبوت آهي، ان سان پاڪستان پاران ڪويت سان لاڳاپن کي ڏني ويندڙ اهميت جو پڻ اندازو ٿئي ٿو. هن چيو پاڪستان ۽ ڪويت ڊگهي عرصي تائين ا??تص??دي ۽ واپاري حصيدار رهيا آهن ۽ پاڪستان ڪويت سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳپان کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل وزارت?? ڪميشن معيشت جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو وٺڻ ۽ ان تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ نوان هدف مقرر ڪرڻ جو بهترين پليٽ ف??رم فراهم ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ