اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري چيو آهي ته معاشي سهڪاري تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ واپاري شعبن ت?? ڌيان ڏنو ويندو. اي سي او جي تيرهين سربراهه اجلاس ج?? حوالي سان اسلام آ باد ڊڪليئريشن جو مسودو تيار ٿي چڪو آهي، 5 ملڪي سربراهه، 3 حڪومتي سربراهه، هڪ نائب وزيراعظم ۽ هڪ خص??صي سفارتڪار سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اي سي او عملدارن جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ج?? پڄاڻي تي صحافين کي بريفنگ ڏيندي اعزاز احمد چوڌري چيو ته اجلاس ۾ اي سي او جي تيرهين اجلاس ج?? ايجنڊا جي لاءِ سفارشون تيار ڪيون ويون آهن. انهن سفارشن کي اڄ اڱاري تي ڪائونسل آف منسٽرز جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن جي منظوري کانپوءِ اهي سفارشون سربراهه اجلاس ج?? ايجنڊا جو حصو هونديون.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار