گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ روس جي نائب نمائندي دمتري پوليانسڪي چيو آھي ته اسرائيل امن جي ڳالھ??ن کي عالمي برادري کي گمراھه ڪرڻ ۽ غزه ۾ پنھنجي حقيقي ڏوهه کي دنيا کان لڪائڻ لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سان خطاب ۾ روسي نمائندي اسرائيلي حڪومت تي الزام لڳايو ته ھو ضد سان گڏ فوجي مسئلي جو حل ڳولهي ڪري رھيو آھي ۽ غزه ۾ جاري پنھنجي ف????ي ڪارروائين جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ف??صلن کي نظر انداز ڪرڻ ??ي ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ اسرائيلي عوام ٻئي ان ڳالھه تي اتفاق ڪن ٿا ته غزه ۾ جاري جنگ جو حل صرف ڳالھين سان ئي ممڪن آھي جڏھن ته بدقسمتي سان اسرائيلي قيادت ڳالھ??ن کي عالمي برادري جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ اسموڪ اسڪرين جي طور تي استعمال ڪري رھيو آھي. ڏکڻ غزه ۾ ھڪ سرنگهه مان 6 مغوين، جن ۾ ??ڪ روسي شھري پڻ موجود ھو، جا لاش ملڻ جو ذڪر ڪندي ھن مغوين جي ف??ت ٿيڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته غزه ۾ اسرائيلي آپريشن دوران مغوين جي زنده بچڻ جا امڪان گھٽ آھن. ان موقعي تي سلامتي ڪائونسل سان خطاب ۾ گڏيل قومن جي اختيارين سمورن مغوين جي آزادي ۽ غزه ۾ ف??ري جنگ بندي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو.
اسرائيل امن ڳالھين کي عالمي برادري کي گمراھه ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي: روس
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی