تهران _ 28 آگسٽ (اي پي پي ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان آمريڪا سان ڳالهين جا دروازا کولي ڇڏيا آه??. پرڏيهي اداري مطابق آيت الل?? خامنه اي صدر مسعود پيز شڪيان جي انتظام هيٺ ايراني حڪومت کي ٻڌايو ته دشمن سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، جڏهن ته هن پنهنجو اهو موقف به و??جا??و ته آمريڪا اعتبار جوڳو ناهي. سرڪاري ٽيليويزن تي نشر بيان ۾ سيد علي خامنه اي چيو آه?? ته اسان کي پنهنجون اميدون دشمن مان نه رکڻ گهرجن، پنهنجن منصوبن لاءِ اسان کي دشمن جي منظوري جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اهو تضاد ناهي ته دشمن سان ڪجهه موقعن تي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ان حوالي سان ڪا رڪاوٽ ناهي. آيت الل?? خامنه اي (جنهن کي سمورن رياستي معاملن ۾ حتمي اختيار حاصل آه??) صدر پيز شڪيان جي حڪومت کي خبردار ڪيو آه?? ته دشمن تي ڀروسو ن?? ڪيو وڃي.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پاران ايٽمي پروگرام بابت آمريڪا سان ڳالهين جي اجازت، دشمن تي ڀروسو نه ڪرڻ جو مشورو
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری