رياض-09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آئرلينڊ جي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير مائيڪل مارٽن ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيو?? مطابق ٽيليفونڪ رابطي دوران سعودي عرب ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٻه طرفن ناتن جو جائزو ورتو و??و. ??لند?? سال ٻئي ملڪ ٻه طرفن ناتن جي قيام جي 50 هين سالگره ملهائي رهيا آهن. هن مختلف شعبن ۽ يورپي يونين جي فريم ورڪ اندر لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش تي زور ڀريو ۽ غزه ، لبنان جي صورتحال ۽ خطي ۾ تڪرارن جي وڌڻ جي خطري تي ڌيان ڏيندي علائقائي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه اردن جي پرڏيهي وزير ايمن الصفدي به آئرلينڊ جي هم منصب سان گڏ غزه تڪرار ۽ انساني بحران کي روڪڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. اردن جي پرڏيهي وزير غز?? ۾ ??سرائيل طرفان عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت، شهرين جي تحفظ ۽ غز?? ۾ ??مداد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو.
سعودي پرڏيهي وزير سان آئر لينڊ جي قيادت جو ٽيلي فونڪ رابطو، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ