والاريل بيت المقدس -11 آڪٽوبر (اي پي پي) فلسطين جي صحت واري وزارت چيو آ??ي، ته غزه پٽي تي اسرائيل جي جارحيت جي ن??يجي ۾ هاڻي تائين 260 ٻارن، 230 عورتن ۽ 8 صحافين سميت 900 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. فلسطيني خابرو اداري مطابق فلسطين جي شهيدن ۾ 8 صحافي شامل آهن جڏهن ته 20 صحافي پيشيواراڻيون ذميواريون ??نج??م ڏيڻ دوران بمباري ۾ سخت زخمي پ?? ٿيا آهن. صحت واري وزارت مطابق اسرائيل جي گهيراءَ جي ن??يجي ۾ غزه ۾ اسپتالن ۾ دوائون، طبي اوزار ۽ ٻارڻ جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي. صحت واري وزارت ٻڌايو ته بجلي جي فراهمي ۾ رنڊڪ صحت جي ن??ام لاءِ هڪ چئلينج آهي ۽ ان جي ن??يجي ۾ ڪيترن ئي سخت زخمي شهرين ۽ بيمارن جي حياتين کي خطرا درپيش آهن، جنريٽر وسيلي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فني ۽ انجنيئرنگ عملو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آ??ي. هوڏانهن روس جي خابرو اداري (تاس) فلسطين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي س??ن ٻڌايو آ??ي، ته اسرائيل جي هوائي حملن جي ن??يجي ۾ هاڻي تائين گهٽ ۾ گهٽ 22639 عمارتون ۽ 10 اسپتالون تباهه ٿي چڪيون آهن. ان کان علاوه 48 اسڪولن کي پ?? نقصان پهتو آ??ي جڏهن ته علائقي ۾ بجلي ۽ انٽرنيٽ سروس معطل آهي.
اسرائيل جي بمباري ۽ عسڪري ڪارروائي دوران صحافين سميت فلسطيني شهيدن جو انگ 900 ٿي ويو، غزه ۾ 22639 رهائشي عمارتون، 10 اسپتالون تباهه، 48 اسڪولن کي نقصان پهتو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ