نئين دهلي -13 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۾ بس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 12 زخمي ٿي پيا ??هن. چين جي خابرو اداري مطابق ڀرت پور ضلع جي ٽريفڪ ??وليس ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته جئه پور- آگرا شاهراه تي گجرات رياست کان مسافرن کي کڻي مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ اتر پرديش ويندڙ بس فني خرابي سبب انترا فلاءِ اوور تي بيٺي هئي ته ان دوران پٺيان آيل هڪ ٽرالر بس کي زوردار ٽڪر هنيو جهن جي نتيجي ۾ 6 عورتن سميت 11 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻڌايو ته فوتين ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. مقامي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ??ري تحقيقات شروع ??ري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ڀارت ۾ هر سال ڏيڍ لک ماڻهو روڊ حادثن جو شڪار ٿيندا ??هن. حڪومت 2024ع تائين روڊ حادثن ۾ ٿيندڙ فوتگين جو 50 سيڪڙو تائين انگ گهٽائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ