واشنگٽن- 21 جون (اي پي پي) آمريڪ?? نمائندن واري ايوان صدر جوبائيڊن تي زور ڀريو آهي ته هو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ۾ ملڪ ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو اٿاري. برطانوي خابرو اداري موجب حڪومتي پارٽي ڊيموڪريٽڪ پارٽي ج?? 75 پارليامينٽ جي ميمبرن آمريڪي صدر جي نالي هڪ خط لکيو آهي ج??هن ۾ ڀارت ۾ مذهبي عدم برداشت، معلومات تائين پهچ، انٽرنيٽ جي بندش ۽ سول سوسائٽي ج?? گروپن کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي ج?? اظهار ڪيو ويو آهي. پارليامينٽ جي ميمبرن طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اسا?? ڪنهن هڪ مخصوص پارٽي يا اڳواڻ جا حامي ناهيون، ان جو فيص??و ڀارتي عوام ئي ڪندي آهي تنهن هوندي به اسان ڪجهه اصولن جي حمايت ڪريون ٿا جيڪي آمريڪي پرڏيهي پاليسي ج?? بنيادي حصو هجڻ گهرجن. ان خط تي 75 ميمبرن جون صحيحون موجود آهن جيڪي اڱاري تي وائيٽ هائوس موڪليو ويو. خط ۾ آمريڪي صدر کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو ويو ته ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات دوران اوهان انهن سمورن اهم معاملن تي کلي ڳالهايو جيڪي ٻنهي ملڪن ۾ ڪامي??ب، مضبوط ۽ ڊگهي مدي واري لاڳاپن لاءِ ضروري آهن. پارليامينٽ جي ميمبرن اهو به چيو آهي ته هو نريندي مودي ج?? استقبال جي موقعي تي ج??بائيڊن جو ساٿ ڏيندا ۽ ٻنهي ملڪن ۽ سندن عوام وچ ۾ هڪ ويجهي ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن ٿا. دوستي گڏيل قدرن تي هموار هوندي آهي ۽ دوست کليل طريقي سان پنهنجي اختلافن تي ڳالهه ڪري سگهن ٿا ۽ ايئن هجڻ گهرجي. جتي اوهان ڀارتي وزيراعظم سان گڏيل دلچسپي ج?? ٻين معاملن تي ڳالهيو?? ڪندا اتي ڪجهه خدشن به ان جي سامهون رکندا. نريندر مودي 2014ع ۾ ڀارت جو وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ پنج ڀيرا آمريڪا جو دورو ڪري چڪو آهي تنهن هوندي به ڀارت ۾ سندس هندو قوم پرست پارٽي بي ج?? پي ج?? حڪومت دوران انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي ج?? باوجود هي سندس پهريون دورو آهي ج??ڪو مڪمل طور تي سفارتي حيثيت رکندڙ آهي.
صدر جوبائيڊن ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو معاملو اٿاري: آمريڪي نمائندن واري ايوان پاران جوبائيڊن کي خط
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں