رياض -13 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان جي مرڪز برائ?? امداد ۽ انساني خدمت بردار ۽ دوست ملڪن لا??ِ رمضان جي آمد تي کارڪن جي ورهاست واري پروگرام جي شروعات ڪئي آهي، چار براعظمن جي 72 ملڪن کي 19 هزار ٽن کان وڌيڪ کارڪن جا تحفا ڏنا ويندا. سعودي خابرو اداري مطابق شاهه سلمان مرڪز جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالله الربيعه گادي واري شهر رياض ۾ کارڪ تحفا پروگرام جو افتتاح ڪندي چيو ته هن جو ملڪ گذريل سالن دو??ان عالمي سطح تي انسانيت نواز امداد فراهم ڪرڻ واري 5 وڏي ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته گذريل سال سعودي عرب عالمي ترقيات?? امداد فراهم ڪرڻ وارن ۾ سرفهرست رهيو. ڊاڪٽر عبدالله الربيعه چيو ته کارڪن جا تحفن جو پروگرام مملڪت جي نخلستانن ??ي ڪاميابي، برادر ۽ دوست ملڪن سان محبت جي علامت آهي چار براعظمن جي 72 ملڪن کي 19 هزار ٽن کان وڌيڪ کارڪن جا تحفا ڏنا ويندا، انهن ملڪن جو واسطو ايشيا، آفريقا، ڏکڻ آمريڪا ۽ يورپ سان آهي.
سعودي عرب: شاهه سلمان جي مرڪزي دوست ملڪن لاءِ کارڪن جي ورهاست واري پروگرام جي شروعات، 72 ملڪن کي 19 هزار ٽن کارڪون بطور تحفا ڏنا ويندا
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم