اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان فلسطيني عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ جا??ز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جا??ي رکندو، عالمي برادري فلسطين ?? اسرائيل جي ظلمن کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فيصلائتي ڪارروائي ڪري، غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جن??بندي ڪئي وڃي. فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل ۽ فلسطيني عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو. وزيراعظم چ??و ته 7 آڪٽوبر 2023ع کانپوءِ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي جا??حيت سبب هي سال فلسطين جي تاريخ جو انتهائي ڪارو ترين سال رهيو آه??، تاريخ جا ڪڌا ترين ظلم ڪندي اسرائيل هيستائين 43000 معصوم فلسطيني مردن، عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ڪري چڪو آه??. وزيراعظم چ??و ته فلسطيني عوام اسرائيل پاران حملن، منظم نسل ڪشيءَ ۽ تشدد جي مهم کي بهادري سان برداشت ڪري رهي آه??، فلسطين ?? اسرائيلي جا??حيت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آه??. هن چيو ته اسرائيل پاران عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزين جي ڪري غزه ۾ عالمي برادري پاران انساني امداد جون ڪوششون به بري طرح متاثر ٿيون آه?? جنهن سان گهيري ۾ ورتل آبادي جي مصيبتن ۾ شدت آئي آه??. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان عالمي برادري کان پرزور مطالبو ڪري ٿو ته اها فلسطين ?? اسرائيل جي ظلمن کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فيصلائتي ڪارروائي ڪري. هن چيو ته شهرين، اسپتالن، اسڪولن ۽ انفراسٽرڪچر تي حملن کي روڪيو وڃي، فلسطينين جي لاءِ موڪليا ويندڙ امدادي قافلن تي حملو ناقابل برداشت آه??، انهن سنگين جن??ي ڏوهن ۽ انساني حقن جي بي رحم خلاف ورزين جي لاءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جي حوالي سان جيڪا ڇوٽ ڏني پئي وڃي، انهي بنياد تي اسرائيل غزه ۽ لبنان ۾ وڌيڪ تباهي ڦهلائي آه??. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جن??بندي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏي ٿو. گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي فار فلسطيني ريفيوجيز ان دي نيئر ايسٽ (انروا) کي فلسطيني پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فنڊنگ ۽ تحفظ جي حوالي سان عالمي برادري پاران سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي، اسان اسرائيل جي انروا جي اهم ڪم کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. وزيراعظم چ??و ته اسان آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ فلسطيني عوام جي جا??ز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جا??ي رکنداسين جنهن جو اظهار انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) پڻ پنهنجي تازي مشاورتي راءِ ۾ ڪيو آه??. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل چاهي ٿو جنهن ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آه?? جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو. وزيراعظم چ??و ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني عوام پاران فلسطيني عوام سان پنهنجي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان امن، وقار ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ توهان جي جدوجهد ۾ توهان سان گڏ بيٺل رهنداسين.
پاڪستان فلسطيني عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ جائز جدوجهد جي پرعزم طريقي سان حمايت جاري رکندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں