اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري پنهنجي وطن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر کي الوداع ڪيو. دوري دوران ڪيترين ئي م??اهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون جن سان ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ اضافو ٿي??دو. بيلاروس جي صدر سان گڏ بيلاروس جون اهم ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو جنهن پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سان ڪامياب ۽ لاڀائتيُون ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم بيلاروس جي صدر کي سندس ٽن ڏينهن جي دوري جو فوٽو البم پڻ پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اس??اق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ان موقعي تي م??جود هئا.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک