اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ٽيڪس نه ڏيندڙن جي خلاف ڪاررواين ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽيڪس چوري ڪندڙن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن ??ي منطقي انجام تائين پهچائي رهنداسين، عوامي ريليف کي هر ٻئي قدم تي ترجيح ڏني وڃي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ معيشت جي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف جي وفد سان ٿيندڙ ملاقاتن تي بريفنگ ڏني. وز??را??ظم چيو ته ملڪ معاشي استحڪام طرف گامزن آهي، معيشت جي ترقي جي لاءِ قدمن سان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي. وز??را??ظم چيو ته ٻاهريان سيڙپڪار حڪومتي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن، عوامي ريليف کي هر ٻئي قدم تي ترجيح ڏني وڃي، عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. وز??را??ظم چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تي اچي وئي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. وز??را??ظم چيو ته ملڪي ??وانگي واپار ۾ اضافي ۽ رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي جي ڪري ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو، زرعي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان پنجاب جي وز??را??ليٰ ۽ پنجاب حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪر??ون ٿا. وز??را??ظم واضح هدايت ڪئي ته ٽيڪس نه ڏيندڙن جي خلاف ڪاررواين ۾ تيزي آندي وڃي، ٽيڪس چوري ڪندڙن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن ??ي منطقي انجام تائين پهچائي رهنداسين. وز??را??ظم چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سڀ پنهنجي حصي جي ذميواري پوري ڪن، سمورن شعبن کي ٽيڪس ادا ڪري ملڪي ??رقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس ??ي معيشت جي انگن اکرن، مهانگائي جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٽيڪس چوري ۽ انهن جي مدد ڪندڙن ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وز??را??ظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ??ئي.
وزيراعظم پاران ٽيڪس نه ڏيندڙن جي خلاف ڪاررواين ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت، ٽيڪس چوري ڪندڙن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي منطقي انجام تائين پهچائي رهنداسين: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری