اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اطلاعات واري وزارت جي انٽرنل پبلسٽي ونگ جي ڊائريڪٽر جنرل عاشق حسين شيخ جي والده جي لاڏاڻي تي سندس ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئ??. ڊ?? جي آءِ پي ونگ عاشق حسين سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماءُ جهڙي عظيم هستيءَ جو ڪو به نعم البدل نه آهي. هن چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان ۽ وڏو صدمو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير د??ا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيرا??ظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز و??ائچ، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مب??ر حسن به ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر