اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) مواصلات وا??ي وزارت ۽ نيشن?? هاءِ وي اٿارٽي کي پبلڪ پروڪيورمنٽ رول -5 موجب اين 45 جي ڪالڪا تا??ين چترال شاهراهه منصوبي جي سول ورڪس جي خريداري جو عمل اڳتي وڌائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، اجلاس ۾ مالي سال 16-2015ع دوران ڪڻڪ جي سبسڊي اسڪيمن جي 238.42 ملين روپين جي رهتن جي ادائيگي لاءِ وزارت کي دستياب بجيٽ ذريعي فنڊن جو بندوبست ڪرڻ ۽ ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار ڪليمز کي ا??لا??ڻ جي هدايت به ڪئي وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي وا??ي وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وا??ي وفاقي وزير احد خان چيمه، واپار وا??ي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، بجلي وا??ي وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وا??ي وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ، رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وا??ي وفاقي وزير احسن اقبل، نجڪاري ۽ سيڙپڪا??ي وا??ي وفاقي وزير عبدالعليم خان، صنعت ۽ پيداوار وا??ي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايس اي سي پي جو چيئرمين، وفاقي سيڪريٽرين، لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نيشن?? هاءِ وي اين 45 جي ڪالڪا-چترال 48 ڪلوميٽر (سيڪشن 3) روڊ منصوبي جي سول ورڪس جي خريداري بابت مواصلات وا??ي وزارت جي سمري جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي، مواصلات وا??ي وزارت ۽ نيشن?? هاءِ وي اٿارٽي کي پبلڪ پروڪيورمنٽ رول -5 موجب سول ورڪس جي خريداري جو عمل اڳتي وڌائڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو، اجلاس ۾ مالي سال 16-2015ع دوران قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وا??ي وزارت جي ڪڻڪ جي سبسڊي اسڪيمن جي 238.42 ملين روپيا رهتن بابت سمري جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سفارشن کي نظر ۾ رکندي وزارت کي دستياب بجيٽ ذريعي فنڊن جو بندوبست ڪرڻ ۽ ڊگهي عرصي کان التوا ۾ پيل ڪليمز کي ا??لا??ڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ طرفان ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جي ادائيگي جي قابل بڻائڻ لاءِ پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ڪميٽي (پي سي سي سي) کي 656 ملين روپين جي رقم جي فراهمي بابت سمري جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي اهو معاملو رائٽ سائزنگ بابت ڪابينا ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ گئس جي فراهمي جي ترجيحي آرڊر ۾ تبديلي جي حوالي سان توانائي وا??ي وزارت جي سمري جو جائزو ورتو ويو. اي سي سي گهريلو ۽ واپاري شعبن سان گڏوگڏ صنعتي عمل لاءِ گئس جي استعمال کي پهرين ترجيح ۾ رکي موجوده گئس مختص ڪرڻ جي ترجيح ۾ ترميم ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. ڪيپٽيو پاور استعمال ڪندڙ صنعتن کي گئس جي استعمال کي ڪمپريسڊ نيچرل گئس (سي اين جي) سان گهٽ ترجيح جي درجابندي ۾ شامل ڪيو ويو.
ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے