ڪراچي – 05 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته ميڊيا هائوسز جون رهتون ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هيون، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادائگي جي لاءِ عملي قدم کنيا، اي سي سي ميڊيا هائوسز کي رهتن جي ادائگي جي لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حق تلفي ٿيڻ نه ڏني ويندي، معيشت جي استحڪام جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه هن ميڊيا تنظيمن آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي عهديدارن سان جدا جدا ملاقاتن دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقاتن ۾ ميڊيا ورڪرز، صحافين، اخباري صنعت کي درپيش مسئلن ۽ معاشي صورتحال سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيون، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ سميت انهن جي حقن جو تحفظ ۽ سهولتن جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻند??سي??. هن چي?? ته ميڊيا هائوسز جون رهتون ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هيون، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ميڊيا هائوسز جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ عملي قدم کنيا آهن. هن چي?? ته اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ميڊيا هائوسز کي بقايائن ۽ رهتن جي ادائگي جي لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چي?? ته اطلاعات واري وزارت حڪومت، صحافين ۽ ميڊيا هائوسز جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته صحافين جي علاج جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي جلد هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو. هن چي?? ته صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حق تلفي ٿيڻ نه ڏني ويندي. عطاءُ الله تارڙ چي?? ته معاشي مشڪلاتون ضرور آهن پر وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت معاشي مسئلن جي حل لاءِ پرعزم آهي. هن چي?? ته عوامي معيشت اسان جو تمام وڏو مسئلو آهي. هن چي?? ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نه ڏيندڙن جي مڪينزم بڻايو پيو وڃي. هن چي?? ته معيشت جي استحڪام جي لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي ميڊيا تنظيمن حڪومت جي معاشي بحالي جي سمورن قدمن ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ميڊيا تنظيمن فنڊز جاري ڪرڻ ۾ تعاون فراهم ڪ??ڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن تفصيلي بريفنگ ڏني.
ميڊيا هائوسز جون رهتون ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار هيون، اقتصادي رابطا ڪميٽي ميڊيا هائوسز کي رهتن جي ادائگي جي لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores