اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو آه?? ته بدين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ترجيح آه??، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ پارٽي جون سخت هدايتون آه??، بدين ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ پارڪ سميت نجي تعليمي ادارن ۾ غريبن جي ٻارن لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرائڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اسلام آباد ۾ پنهنجي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ ڳالهائيندي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته هاڻي چونڊن ۾ ڪامياب اهو ٿيند?? جيڪو عوام سان رابطي ۾ هوندو ۽ عوام جا ڪم ڪندو. هن چيو ته بدين ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ٻارن ۽ عورتن جي لاءِ پارڪن جي سخت ضرورت آه??، جيڪي پارڪ آه?? انهن کي وڌيڪ سهولت ڏئي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته بدين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ترجيح آه??، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ صدر آصف علي زرداري، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر پاران سخت هدايتون ڏنل آه??. هن چيو ته بدين ضلعي جي غريب ماڻهن جي ٻارن کي نجي تعليمي ادارن ۾ ڪوٽا ڏيارڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بدين پاڪستان جو سڀ کان آخر وارو علائقو آه??، جتي غربت سڀ کان وڌيڪ آه?? پر اسان عوام کي سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ هارين جي لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون آه?? پر ان سهولت کي وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏني ويندي ته جيئن اهي ان مان لاڀ پرائي سگهن. هن چيو ته هاڻي چونڊن ۾ اهو ئي ڪامياب ٿيند?? جيڪو عوام سان رابطي ۾ هوندو ۽ انهن ج?? ڪم ڪندو. حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته آئون بدين جي عوام جو ٿورائتو آه??ان جنهن مون کي ڪامياب ڪيو آه??. جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي ٿرپارڪر جي ضلعي صدر سينيٽر انجنيئر گيانچند چيو ته حاجي رسول بخش چانڊيو کي بدين جي عوام چونڊي پنهنجو هڪ بهتر نمائندو پارليامينٽ ۾ موڪليو آه??، حاجي رسول بخش چانڊي?? جي ڪاميابي عوام جي ڪاميابي آه??. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي غريبن جي پارٽي آه?? ۽ حاجي رسول بخش چانڊي?? جي گهر جا دروازا عوام جي لاءِ سدائين جي لاءِ کليل هوندا آه?? ۽ هنن وٽ ڪڏهن به امير ۽ غريب جو ڪو به فرق ناهي رهيو، جنهن جي ڪري ئي عوام ايڏا وڏا ووٽ ڏئي کين ڪامياب ڪيو آه??. جڏهن ته ان موقعي تي مير خان چانڊيو، رياض منگي، جانثار مهر، انجنيئر ابراهيم چانڊيو ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون.
بدين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ترجيح آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ پارٽي جون سخت هدايتون آهن، بدين ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ پارڪ سميت نجي تعليمي ادارن ۾ غريبن جي ٻارن لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرائڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا ويندا: حاجي رسول بخش چانڊيو
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha