پشاور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هنگو دهشتگرد حملي ۾ دهشتگردن جو به??در?? سان مقابلو ڪندڙ خيبرپختونخواهه پوليس جي سپاهي عمر سعيد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم هنگو حملي دوران فائرنگ جو مقابلو ڪندڙ صوابي سا?? تعلق رکندڙ جوان کي به??در?? تي شاباس ڏني. نگران وزيراعظم حوصلا افزائي طور عمر سعيد کي 5 لک جو انعام پڻ ڏنو. هن چيو ته عمر سعيد جهڙا بهادر جوان اسان جي قوم جي هڪ مضبوط ديوار وان??ر حفاظت ڪر?? رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي پوليس ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي، اسان جي پوليس مشڪل ترين حالتن ۾ به هر موقعي تي ملڪ دشمن عنصرن جي خلاف شيهي جي ديوار جو ڪم ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران بهادر پوليس سپاهي عمر سعيد کي خراج تحسين پيش، 5 لک جو انعام ڏنو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار