اسلام آباد -04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 ۽ 6 مارچ تي ??طر ۾ منعقد ٿيندڙ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي حوالي سان گڏيل قومن جي پنجين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم کي قطر جي دوري جي دعوت، قطر جي امير طرفان ڏني وئي هئي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق ڪانفرنس 5 کان 9 مارچ 2023ع تائين ٿيندي جنهن ۾ گهٽ ترقي يافته ملڪن ۾ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو ورتو ويندو. عالمي اڳواڻ امدادي ڪارروائين کي متحرڪ ڪندا ته جيئن انهن ملڪن کي خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. پنهنجي دوري دوران ڪانفرنس ۾ شرڪت کان سواءِ وزيراعظم دوحه ۾ مختلف عالمي اڳواڻن، وفدن جي سربراه سان ملاقاتون ڪندو. ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي معاونت جي حوالي سان عالمي سهڪار کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جو جائزو وٺندا جن تي ترقياتي شراڪتدارن طرفان اتفاق ڪيو ويو آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي عالمي سطح تي ??ائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ وارن قدمن جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سال 2022ع دوران جي-77 ۽ چين جي اجلاس جي صدارت ڪندي پاڪستان ايل ڊي سيز جي امداد جي حوالي سان اثرائتن قدمن کي يقيني بڻايو. اهو ئ?? سبب آهي ??ه قطر ۾ ڪانفرنس منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ منظور ڪيل قراردادن تحت ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي ڪانفرنس ۾ شرڪت سان گهٽ ترقي يافته ملڪن جي پاڪستان طرفان سپورٽ ۾ مدد ملندي جنهن سان ايل ڊي سيز جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي 20230ع جي سائوٿ ڪو آپريشن فريم ورڪ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ واري ايجنڊا تحت اثرائتي عالمي شراڪتداري جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف اڄ ۽ سڀاڻي (5 ۽ 6 مارچ) تي قطر ۾ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي حوالي سان گڏيل قومن جي پنجين ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada