اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽيڪ پاران گهٽ ترقي يافته مسلمان مل??ن ۾ هنر ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي افغانستان ۾ شاگردن کي آن لائين ۽ رڪارڊ شده تعليم جي فراهمي تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ان سلسلي ۾ پا??ست??ن ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي ماڊيولز ۽ آن لائين تعليمي خدمتن جي فراهمي جي آڇ ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي جي سائنسي ۽ فني تعاون (ڪامسٽيڪ) بابت وزارتي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڪامسٽيڪ تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ شاگردن کي آن لائين ۽ رڪارڊ شده تعليم فراهم ڪري، رڪارڊ شده سبق ۽ تربيتي ڪورس افغان شاگردن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ان سلسلي ۾ پا??ست??ن ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي ماڊيولز ۽ آن لائين تعليمي خدمتون پڻ پيش ڪري سگهي ٿو، انهن قدمن سان افغانستان کي درپيش تعليمي سهولتن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ٻين اسلامي مل??ن ۾ سائنس ۽ زراعت جي شعبن ۾ بهترين طريقن کي ماڊل جي طور تي اختيار ڪرڻ ۽ پا??ست??ن ۾ ان جي نقل ڪرڻ جي ضرورت ??ي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پا??ست??ن ۾ پرائم منسٽر ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام نوجوانن کي ڊيجيٽل مها??تو?? فراهم ڪرڻ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جو هڪ ڪامياب ماڊل آهي، ڊيجي اسڪلز پروگرام کي ٻين مسلمان مل??ن ۾ نقل ڪري سگهجي ٿو. صدر قازقستان جي شاگردن کي 20 فيلوشپس/ اسڪالرشپس ڏيڻ جي قدم کي ساراهيو. هن فلسطين جي شاگردن جي لاءِ 50 خصوصي اسڪالرشپس/ فيلوشپس جي قدم پڻ ساراهيو. صدر چيو ته 2023ع جي ٻئي حصي ۾ ڪامسٽيڪ جي 16 هين جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي انعقاد جي تجويز تي غور ڪرڻ گهرجي. هن گهٽ ترقي يافته مل??ن ۾ شاگردن کي هنر ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪيترن ئي مسلمان مل??ن ۾ ڪامسٽيڪ پاران کنيل مختلف قدمن کي ساراهيو.
صدر پاران ڪامسٽيڪ پاران گهٽ ترقي يافته مسلمان ملڪن ۾ هنر ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي جي قدمن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی