اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عالمي ادارن کي ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين تي بريفنگ ڏني وڃي ۽ انهن کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران جاري ريلي?? ۽ ??حالي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سرندي وارن کي پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ دل کولي عطيا جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪئي ??هي. بيان موجب وزيراعظم متاثر علائقن ۾ 40 هزار تنبو ۽ هڪ لک راشن جا پيڪيٽس فوري طور تي موڪلڻ جي هدايت ڪئي ??هي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل سمورن ادارن کي متاثر علائقن ۾ ريلي?? ۽ ??حالي جي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي بابت معاملن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ??ير?? رحمان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ميمبر اويس لغاري، اين ڊي ايم اي چيئرمين جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena