اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي سفارتڪاري کي بطور ڪيريئر چونڊ ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سفارتڪاري ۾ عورتن ??ي شموليت پائيدار ترقي، امن ۽ جمهوريت حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سفارتڪاري ۾ عورتن ??ي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اڄ اسان ??فارتڪاري جي سمورين سطحن تي عورتن ??ي مڪمل ۽ برابر شرڪت کي فروغ ڏيڻ جو وچن ڪريون ٿا، سڄي دنيا ۾ عورتون سفارتڪارن جي انگ ۾ اضافو حوصلي جوڳي ڳالهه آهي، عورت سفارتڪارن جي شرح 2018ع ۾ 16 سيڪڙو مان وڌي 2022ع ۾ اٽڪل 22 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستاني عورت سفارتڪار پرڏيهي وزير کان وٺي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻاهرئين ملڪ سفيرن تائين مختلف عهدن تي ڪم ڪنديون رهيون آهن، عورتن کي سفارتڪاري ۾ اعليٰ فيصلاسازي جي عهدن تي پهچائڻ جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪيون وڃن. صدر چيو ته سفارتڪاري ۾ عورتن ??ي پهرين عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورتن ??ي ڪاميابين ۽ خدمتن ??و اعتراف ڪريون ٿا. سازگار ماحول جي فراهمي سان ??هم سفارتڪاري ۾ عورتن ??ي شرڪت ۽ نمائندگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. هن چيو ته صنفي تعصب جون مضبوط پاڙون اڃا به عورتن ??ي پيشيواراڻي ترقي ۾ رڪاوٽ آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته هي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ پائيدار ترقي ۽ امن سان گڏوگڏ جمهوريت جي حاصلات لاءِ اسان ??ي رفتار کي تيز ڪندو. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته صحيح حوصلا افزائي ۽ سازگار ماحول جي فراهمي سان ??هم سفارتڪاري ۾ عورتن ??ي شرڪت ۽ نمائندگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.
سفارتڪاري ۾ عورتن جي شموليت پائيدار ترقي، امن ۽ جمهوريت حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر