اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته شه??از شريف فرد جرم روڪڻ جي لاءِ نيون درخواستون داخل ڪيون آهن، جيڪڏهن ٽڪي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي ته ڪيس ۾ التوائن ۽ ڊگهين تاريخن ج?? پٺيان ڇو لڪي رهيو آهي. شه??از شريف ۽ حمزه شه??از جي ڪيس بابت صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته اڄ شه??از شريف ۽ حمزه شه??از جي خلاف ايف آءِ اي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، شه??از شريف ۽ حمزه شه??از جي خلاف فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي، سدائين وانگر التوا وٺڻ جا ڪڌا حربا اڄ به استعمال ڪيا ويا. شه??از ۽ حمزه پاران فرد جرم کي روڪڻ جي لاءِ مختلف درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جن ج?? مقصد اهو آهي ته اصل ڪيس جي ڪارروائي روڪي وڃي. هن چيو ته انهن کان هڪ بنيادي سوال آهي ته جيڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته فرد جرم لڳڻ ڏيو، فرد جرم جو جواب ڏيو ته رمضان شگر ملز ??ي 14 ملازمن ج?? اڪائونٽس ۾ 17 هزار ٽرانزيڪشن ڇو ٿيون، شه??از شريف عدالت کي ٻڌائي ته 10 هزار رپيا ماهوار پگهار کڻندڙ مقصود چپڙاسي جي اڪائونٽ ۾ 4 ارب ڪيئن آيا، شه??از شريف، حمزه ۽ سليمان ملازمن ج?? نالي تي 14 بي نامي اڪائو??ٽ کوليا ۽ انهن ج?? ذريعي مني لانڊرنگ ڪئي. هن چيو ته اڄ شه??از شريف پاڻ ڊگهي تاريخ گهري جيڪڏهن ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي ته روزانو ٻڌڻي جو مطالبو ڪريو، جڏهن عمران خان ج?? خلاف انهن بليڪ ميلنگ جي لاءِ ڪيس ڪيو ته عمران خان ڪمائي جو 40 سالا رڪارڊ پيش ڪيو، ان وقت عمران خان اهڙي قسم جو ڪو جعلي قطري خط پيش نه ڪيو هو، عمران خان ان وقت وزيراعظم يا پبلڪ آفيس هولڊر به نه هو.
شهباز شريف فرد جرم روڪڻ جي لاءِ نيون درخواستون داخل ڪيون آهن، جيڪڏهن ٽڪي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي ته ڪيس ۾ التوائن ۽ ڊگهين تاريخن جي پٺيان ڇو لڪي رهيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل