لاهور – 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته پاڪستان جي ڪهاڻي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ اسان کي فلم، ڊرامي، موسيقي ۽ ادب کي فروغ ڏيڻو پوندو، ماضي ۾ ??نگ??يزي ادب کي تمام گهڻي اهميت حاصل هئي، پاڪستان ۾ ??نگ??يزي ادب گهٽ ٿي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان ادبي دنيا سان پاڻ کي ڳنڍي سگهون. اها ڳالهه هن فرزانه ع??قب جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چي?? ته فرزانه ع??قب تمام خوبصورتي سان مختصر عرصي ۾ 16 ڪتاب لکيا، سندس ڪتابن جي اقتباسات کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. فرزانه ع??قب ڪربلا تي تمام گهڻي خوبصورتي سان لکيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ??نگ??يزي ادب کي فروغ ڏيڻ ۾ فرزانه ع??قب جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چي?? ته ماضي ۾ پاڪستان جي انهن سمورن ذريعن کي تنزلي طرف ڌڪيو ويو جن جي ذريعي پاڪستان جي ڪهاڻي دنيا آڏو پيش ڪري سگهجي پئي. چوڌري فواد حسين چي?? ته پاڪستان جي هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي جيڪا دنيا آڏو پيش نه ڪئي وئي. اسان کي پنهنجي ڪهاڻي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ فلم، ڊرامي ۽ ميوزڪ کي فروغ ڏيڻو پوندو. ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان کي ملڪ کي ائين مٿي گامزن ڪرڻو آهي جيئن اسان ادبي دنيا سان پاڻ کي ڳنڍي سگهون. هن چي?? ته پي ٽي وي انگلش کي انفوٽينمينٽ ٽي وي ۾ ڪنورٽ ڪيو پيو وڃي، ??نگ??يزي ڊرامي، ??نگ??يزي ميوزڪ، فلم ۽ انگلش جي فنون لطيفه کي عوام آڏو پيش ڪري سگهبو. هن چي?? ته جيڪي شاگرد شاعري ۽ ڊرامي ۾ دلچسپي رکن ٿا، اسان انهن جي ڀرپور معاونت ڪنداسين.
پاڪستان جي ڪهاڻي دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي لاءِ اسان کي فلم، ڊرامي، موسيقي ۽ ادب کي فروغ ڏيڻو پوندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے