اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هر ٽي وي چيئنل مولانا فضل الرحمان جي پروقار شخصت کي ڏيکاري رهيو آهي ان جي باوجود کيس اعتراض آهي، مولانا صاحب ٻڌائي ته هو ڪهڙو چهرو ڏيکارڻ چاهي ٿو، ميڊيا کي گذارش آهي ته هو زيرو کي هيرو بڻائڻ بدران والاريل ڪشمير جي مظلومن کي هيرو طور ڏيکارين، ڏنڊا کڻڻ، جٿا ٺاهڻ ۽ گارڊ آف آنر وٺڻ جو اختيار صرف رياست وٽ آهي، جيڪڏهن ڪو ائين ڪندو ته پيمرا تي به نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ٿيندو ان لاءِ اط??اع??ت واري وزارت جون هدايتون ضروري نه آهن، موجوده حڪومت سياسي معاملن کي سياسي طريقي سان حل ڪري رهي آهي، حڪومت جون ترجيحون ۽ مقصد عوام کي رليف ڏيڻ آهي، ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي عزم کي ڪنهن هڪ شخص جي تابع نٿا رکي سگهون، ميڊيا بريفنگ دوران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان جو حسين چهرو ۽ پروقار شخصت کي هر ٽي وي چئنل صبح ۽ شام ڏيکاري رهيو آهي ۽ هو هر ??اڪ شو جي زينت بڻيل آهي.
هر چيئنل مولانا فضل الرحمان کي ڏيکاري رهيو آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر