اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارت سان ڳالهين جي بحالي بابت ڪنهن به امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي خاتمي کانپوءِ ڀارت سان ڳالهين جو سوا?? ئي پيدا نٿو ٿئي، نسل پرست ۽ فاشسٽ بي جي پي حڪومت پاڪستان کي ڪنگال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان جنگ ۾ اڳرائي نه ڪندو. الجزيره ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پاڙيسري ملڪ سان ڪشمير سميت سمورن حل طلب معاملن جي حل لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن اسان محسوس ڪيو ته مودي حڪومت جي ايجنڊا پاڪستان کي ??قص??ن پهچائڻ جي آهي ته اسان ان تان هٽي وياسين، وزيراعظم چيو ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي خاتمي ۽ والاريل ڪشمير جي غير قانوني الحاق کانپوءِ بي جي پي جي فاشسٽ حڪومت سان ڳالهين جو سوا?? ئي پيدا نٿو ٿئي.
آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي خاتمي کانپوءِ ڀارت سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات