اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ حرمت ۽ عظ??ت واري مهيني محرم الحرام جي 10 تاريخ آهي. ان ڏينهن کي اسلامي تاريخ عاشور جي ڏهاڙي جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. هي ڏينهن اسان کي ان عظ??م قرباني جي ياد ڏياري ٿو جيڪا نواسه رسول صه حضرت امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين دين جي حفاظت ۽ حرمت جي لاءِ پيش ڪئي. وزيراعظم عمران خان عاشور جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته ڪربلا واقعو اسان کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايثار ۽ قرباني جو ??رس ڏي ٿو. استقامت حق حاصل ڪرڻ ئي اهو مشن آهي جنهن جي لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني کان نه ڪيٻائڻ گهرجي. اهو ئي اهو عمل آهي جنهن کي حضرت امام حسين رضه جي حوالي سان تاريخ اسوه شبيري جي نالي سان منسوب ڪيو آهي جنهن ۾ اسان کي حق جي سربلندي جي لاءِ ڄمي بيهڻ جو پيغام ملي ٿو.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ