اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ چيو آهي ته جمشيد مارڪر مرحوم تجربيڪار سفارتڪا?? هو، ڏکين چئلينجن کي حل ڪرڻ بابت سندس صلاحيتن جو عالمي سطح تي اعت??اف ڪيو ۽ ساراهيو وڃي ٿو، مرحوم ملڪ جو ناليوارو سفارتڪا?? هو جنهن پاڪستان جي قومي مفاد کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڻٿڪ ڪ??شش??ن ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڳوڻي سفارتڪار کي خراج عقيدت پيش ??رڻ جي لاءِ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب پرڏيهي آفيس ۾ منعقد ٿي. نگران وزيراعظم ان موقعي تي خاص مهمان هو. پرڏيهي وزير عبدالله حسين هارون مهمانن جي آجيان ڪئي جن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، ڪابينا ميمبر، سفارتڪار ۽ اڳوڻا سفير شامل هئا.
مضمون کا ماخذ : apostas quina