ڪراچي – 19 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي لا??سٽڪس ڪمانڊ جي ايوارڊ ورهائڻ جي سالياني تقريب جمعي ڏينهن پاڪستان نيوي ڊاڪيارڊ ۾ منعقد ٿي، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي ان موقعي تي خاص مهمان هو. ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب هر سال منعقد ڪئي ويندي آهي جنهن جو مقصد لا??سٽڪس ڪمانڊ تحت ڪم ڪندڙ يونٽس جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ مختلف منصوبن جي ڪامياب تڪميل ۾ انهن جي ڪوششن کي ??اراهڻ آهي. پاڪ بحريه مان جاري ڪيل بيان موجب تقريب کي ??طاب ڪندي چيف آف دي نيول اسٽاف پاڪ بحريه جي لا??سٽڪس ڪمانڊ کي پنهنجا پيشيوراڻي معاملن کي ??نتهائي خوش اسلوبي سان انجام ڏيڻ تي ساراهيو، هن چيو ته لا??سٽڪس ڪمانڊ جي ان بي لوث محنت ۽ لگن جو اندازو سال 2017ع جي دوران پاڪ بحريه جي جهازن ۽ آبدوزن جي هڪ ئي وقت دستيابي ۽ ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي بحري مشقن ۾ بروقت شموليت سان چڱي ريت لڳائي س??هج?? ٿو، ايڊمرل ظفر محمود عباسي چيو ته پاڪ بحريه پنهنجي حربي صلاحيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ پاڪ بحريه پنهنجي افرادي قوت کي ??ه بهترين پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪرڻ ۽ کين جديد ٽيڪنالاجي سان روشناس ڪرائڻ جي ضرورت کان به آگاهه آهي.
پاڪ بحريه سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي جو لاجسٽڪس ڪمانڊ جي ايوارڊ ورهائڻ جي سالياني تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا