اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سي??سي حمايت جاري رکندو. اها ڳالهه هن آل پارٽيز حريت ڪانفرنس آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي وفد سان مظفرآباد ۾ مل??قات دوران چئي، ان موقعي تي آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر سردار محمد مسعود خان ۽ وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان پڻ موجود هو. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي وفد سان مل??قات جي موقعي تي صدر ممنون حسين عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڪشمير بابت ريفرنڊم جي حوالي سان گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ عو??تن ۽ ٻارن سميت معصوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو فوري خاتمو ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری