ريوڊي جنيرو – 19 نومبر (اي پي پي) دنيا جي 20 وڏين معيشتن تي ٻڌل گروپ جي-20 جا اڳواڻ ريو ڊي جنيرو ۾ ٿيل هڪ سربراهي اجلاس ۾ گڏيل قومن جي موسمياتي ڳالهين ۾ تعطل جي خاتمي ۾ ناڪام رهيا آهن جنهن سبب يوڪرين جنگ ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ واپسي جهڙن موضوعن جو وڌيڪ اهميت اختيار ڪرڻ هو. اجلاس کان اڳ گڏيل قومن دنيا جي امير ترين معيشتن جي اڳو??ڻن کي درخواست ڪئي هئي، ته هو آذربائيجان جي گادي واري هنڌ باڪو ۾ ماحولياتي ??بديلين بابت تعطل جو شڪار ٿيل ڳالهين کي بچائن لاءِ گلوبل وارمنگ جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيندڙ اسرندڙ ملڪن لاءِ مالي مدد ۾ اضافو ڪن. ريو ڊي جنيرو ۾ ٿيل سربراهي اجلاس ۾ شريڪ اڳو??ڻن وچ ۾ ان ڳالهه تي ??خت اختلاف ڏسڻ ۾ آيو ته گلوبل وارمنگ جي ناڪاري اثرن سبب ٿيندڙ نقصانن تي ??دائگيون ڪير ڪندو، جڏهن تهن ان ڳالهه تي ??تفاق ڪيو ته ان لاءِ کربين ڊالرن جي وڏي رقم گهربل هوندي ۽ ان جا سمورا ذريعا ح??صل ڪرڻ گهرجن. ماحول جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري گلوبل سٽيزن جي شريڪ باني مڪ شيلڊرڪ آذربائيجان جي گادي واري هنڌ جو حوالو ڏيندي چيو ته جي-20 اڳواڻ ان حوالي سان ذميواري کي واپس باڪو ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي ماحولياتي ڳالهين طرف منتقل ڪري رهيا آهن ۽ ان صورت ۾ ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي. ريوڊي جنيرو ۾ جاري اجلاس ۾ شريڪ اڳو??ڻن وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ يوڪرين جنگ جي پکڙجڻ جي خطري ۽ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي آمريڪا فرسٽ پاليسي جهڙا موضوع وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا. ان موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ پاڻ کي نئين دور ۾ عالمي نظام جي محافظ طور پيش ڪيو ۽ اجلاس ۾ شريڪ آمريڪي صدر جو بائيڊن کان وڌيڪ توجهه ح??صل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. هن ڪيترن ئي ملڪن جي اڳو??ڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ خبردار ڪيو ته دنيا کي هنگامي صورتحال جو نئون دور درپيش آهي. هن ان ڳالهه تي ??ور ڀريو ته دنيا ۾ جاري جنگين کي پکڙجڻ نه گهرجي ۽ نه ئي جنگ جي باهه کي وڌائڻ گهرجي. ان موقعي تي ??اري بيان ۾ سربراهي اجلاس جي اڳو??ڻن غزه ۽ لبنان تي ??امع جنگ بندي جو مطالبو ڪيو جڏهن ته يوڪرين جنگ جي حوالي سان انهن وچ ۾ اختلاف به سامهون آيا. ان موقعي تي ??رازيل جي صدر بک ۽ ماحولياتي ??بديلين جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ کي اجلاس جي ايجنڊا ۾ سڀ کان مٿي رکڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سڄي دنيا ۾ امير ماڻهن تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ ٽيڪس چوري کي روڪڻ لاءِ ??ثرائتا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو جن کي وڏي پئماني تي ??اراهيو ويو. سندن تجويزن کي ساراهيندڙن ۾ سڄي دنيا ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارو آڪسفيم به شامل هو، يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ماحولياتي ??بديلين جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي واقعن ۾ اضافي بابت خبردار ڪيو، روس جي صدر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي جنهن جو سبب عالمي فوجداري عدالت طرفان يوڪرين جنگ تي ??ندس گرفتاري جو حڪم هو.
جي-20 اڳواڻ ماحولياتي ڳالهين ۾ تعطل جي خاتمي ۾ ناڪام
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج