ٽوڪيو-9 آگسٽ (اي پي پي) جاپان جي اولھندي شھر ناگاساڪي تي ايٽم بم حملي کي 79 سال مڪمل ٿي ويا آهن. شنھوا مطابق ناگاساڪي جي ميئر شيروسوزوڪي سالياني ت??ري?? دوران ايٽمي ھٿيارن جي خاتمي جو مطالبو ڪندي امن جو اعلا?? ڪيو آھي. ت??ري?? دوران مقامي وقت مطابق صبح جو 11 لڳي 2 منٽن تي ھڪ لمحي جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ڇو جو ھي اھو وقت ھو جيڪو 9 آگسٽ 194 ع تي آمريڪي بي 29- بمبار جھاز پلوٽونيم ڪور ايٽم بم ڪيرايو ھو. جن??ن کي فيٽ مين جو نالو ڏنو ويو ھو جنھن ۾ لڳ ڀڳ 74 ھزار ماڻھو فوت ٿي ويا ھوا. ناساگاڪي جي ميئر شيروسوزوڪي چيو آھي ته اسان ڳالھين ۽ سفارتي ڪوششن تي زور ڀريون ٿا .ھن چيو ته رستو ڪيترو ئي مشڪل ڇو نه ھجي، ھٿيارن جي پکيڙ ۽ طاقت جي زور بجائي ان جو پر امن حل جي طرف رستو ڳولهجي. ھن مطالبو ڪيو ته جاپان جي حڪومت گڏيل قومن جي ايٽمي ھٿيارن تي پابندي جي معاھدي تي ص??يحيون ڪري ۽ ان جي توثيق ڪري. ھن جاپان کان مطالبو ڪيو ته ھو اتر اوڀر ايشيا ۾ ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ ۽ ھٿيارن جي گهٽائڻ واري عمل کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ڳالھين جي قيادت ڪري. ناگاساڪي پيس پارڪ ۾ ٿيل ت??ري?? ۾ لڳ ڀڳ 2،300 ڄڻن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 100 ملڪن جا نمائندا پڻ شامل ھئا.
جاپان جي شهر ناگاساڪي تي ايٽم بم حملي کي 79 سال مڪمل ٿي ويا
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک