رمله- 01 جنوري (اي پي پي) فسلطيني صدر محمود عباس اسرائيلي جنگ کي فوري طور تي روڪڻ ۽ غزه ۾ امداد جي جازت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته فوجي حل خطي کي تباهي جي ڪناري تي ڌڪي ڇڏيندو. العربيه نيوز موجب هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام اڄ غزه جي پٽي، اولهه ??ناري ۽ والاريل بيت المقدس ۾ جنگ سبب تباهي جو شڪار آهن، جنهن جو مقصد اسان جي نصب العين کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي هڪ انساني مسئلي ۾ تبديل ڪرڻ آهي. اڄ هڪ دفعو ٻيهر 1948ع جي عمل کي ورجائڻ ??ي ڪوشش ڪئي پئي وڃ??، فلسطيني صدر چيو ته فلسطيني پنهنجي سرزمين تان بي دخل ٿيڻ کي قبول نه ڪندا، چاهي کين ان جي ڪا به قيمت ڇو به ادا ڪرڻي پئي. هن چيو ته والاريل بيت المقدس ۽ غزه سميت اولهه ??نارو هڪ نه ورهائڻ ??وڳي جاگرفيائي آهي. هن چيو ته فوجي ۽ سي??يو??ٽي حل ڪنهن لاءِ سلامتي ۽ امن نه آڻيندو پر هي خطي ۽ دنيا کي تباهي جي ڪناري ڏانهن ڌڪيندو. هن چيو ته واحد حل اهو آهي ته فلسطيني عوام جي آزادي جي حقن کي تسليم ڪيو وڃي. عالمي ٺهرائن تي ٻڌل سياسي حل طرف وڌيو وڃي، هڪ عالمي امن ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي.
فلسطيني پنهنجي سرزمين تان بي دخل ٿيڻ کي قبول نه ڪندا: محمود عباس
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا