بئنڪاڪ-05 آڪٽوبر(اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ٻوڏ جي انتهائي خطرن وارن علائقن ۾ ا??سا??ي آبادي جي پکيڙ ۾ وڌيڪ تيزي سان ??ضا??و ٿي رهيو آهي. عالمي بئنڪ جي معيشت جي ماهر ??ون رينٽشلر جي سربراهي ۾ تيار ڪيل تحقيقي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ جي خطرن وارن علائقن ۾ ا??سا??ي آبادي ۾ ??ضا??و 1985ع کانپوءِ محفوظ علائقن ۾ ان رجحان جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. ??ون رينٽشلر موجب هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ا??سا??ي وستين کي ماحولياتي تبديلي موجب بدلائڻ گهرجي، ڪيترائي ملڪ ا??سا??ي آبادين جي امڪاني ٻوڏ سبب متاثر ٿيڻ جي امڪانن ۾ تيزي سان ??ضا??و ڪري رهيا آهن. ان تحقيق ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ آيل ٻوڏ جي نقشن سان گڏوگڏ عالمي سطح تي ا??سا??ي آبادي جي پکيڙ کي ٽريڪ ڪرڻ واري سيٽلائيٽس ذريعي گذريل 30 سالن دوران ورتل ??صو??رن جو تجزيو ڪيو ويو. تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته 2015ع تائين آبادي وارن سمورن علائقن مان 20 سيڪڙو علائقا وچولي يا وڌيڪ ٻوڏ جي خطرن وارا هئا، جيڪي ٽي ڏهاڪا اڳ 17.9 سيڪڙو هئا، ا??سا??ي آبادي وارن علائقن جو اهو تناسب تقريبن 76 هزار 400 ڪلوميٽر ا??سا??ي آبادي جي برابر آهي جيڪو گريٽر لنڊن جي ڳاڻيٽي کان 48 ڀيرا وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب اهڙن علائقن ۾ اوڀر ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جو خطو، خاص طور تي چين سان گڏوگڏ ويٽنام ۽ بنگلاديش ۾ شهري واڌ وارا علائقا خاص طور تي ذڪر جوڳا آهن. ماحولياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي خطرن ۾ ??ضا??و ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته گرم ماحول وڌيڪ گهم رکي ٿو، جنهن سان برسات امڪاني طور تي وڌيڪ طاقتور ٿيندي آهي، ان جو اهو مطلب آهي ته ٻوڏ جا واقعا جيڪي هر 100 سال يا ان کان وڌيڪ جو امڪان سمجهيو ويندو هو هاڻي تيزي سان عام ٿي رهيا آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو ته آبادي جي رجحان کي سمجهڻ شهري آبادين جي پکيڙ جي حوالي سان پاليسين کي تبديل ڪرڻ جو پهريون قدم هجڻ گهرجي.
سڄي دنيا ۾ ٻوڏ جي انتهائي خطرن وارن علائقن ۾ آبادي جي پکيڙ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي: عالمي بئنڪ جي معيشت جي ماهر جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں