سرينگر-02 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو 5 آگسٽ کي ڪاري ڏي??هن طور ملهائين ته جيئ?? عالمي برادري کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قاب?? آهي ۽ ڪشميري گڏيل قومن طرفان تسليم ٿيل حق خود اراديت لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غير قانوني طور تي نظربند چيئرمين ??سر?? عالم بٽ ۽ سينئر اڳواڻ شبير احمد شاهه نئين دهلي ۾ بدنام زمانا تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغامن ۾ ڪارو ڏي??هن ملهائڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت خت?? ڪري ڪشميرين جي سڃاڻپ تي هڪ سخت حملو ڪيو. ٻين حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن به 5 آگسٽ تي ڪارو ڏي??هن ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هنن سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين تي زور ڀريو ته هو والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 5 آگسٽ سومر ڏي??هن احتجاجي مظاهرا ڪن. حريت قيادت واضح ڪيو ته مودي حڪومت ڄمون ڪشمير جي تڪراري خطي جي خصوصي حيثيت خت?? ڪري ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن سان گڏوگڏ عالمي قانونن، اصولن ۽ ضابطن جي به سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هنن چيو ته آزادي پسند ڪشميرين مودي حڪومت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو پنهنجي شهيدن جي مقدس مشن جي تڪميل تائين جدوجهد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن.
ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس پاران 5 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت