اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هواوي جي مدد سان ساليانو ٽي لک پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي پيشيواراڻي تربيت سان ملڪ جو آءِ ٽي روانگي واپار وڌندو، خودڪار، جديد ۽ تيز تر گورننس جي نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هواوي پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايٿن سن جي قيادت ۾ چار رڪني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته چين جي تازي دوري ۾ هواوي هيڊڪوارٽر جو دورو انتهائي لاڀائتو رهيو، هواوي سان مختلف شعبن ۾ خاص ط??ر تي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حصيداري سڀ کان اهم آهي، هواوي جي مدد سان ساليانو ٽي لک پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪانلاجي جي پيشيواراڻي تربيت سان ملڪ جو آءِ ٽي روانگي واپار وڌندو. هن چ??و ته حڪومت نه رڳو عورتن پر بلوچستان جي نوجوانن کي ترجيحي بنيادن تي ان تربيتي پروگرام جو حصو بڻائيندي، حڪومت هواوي سان پاڪستان جي ڊيجيٽل اڪانومي ۾ پائيدار حصيداري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. وزيراعظم چ??و ته ملڪ ۾ باصلاحيت افرادي قوت جو مضبوط بنياد قائم ڪرڻ سان ئي ڊيجيٽل اڪانومي کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، خودڪار، جديد ۽ تيز تر گورننس جي نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان 7 هواوي جي وچ ۾ ڊيجيٽل پاڪستان پروگرام جي لاءِ ??عا??ن جي معاهدي تح?? جاري منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و ته آءِ ٽي جي تربيت جي لاءِ جديد طرز جو ميسيو اوپن آن لائين ڪورسز سسٽم تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي صوبائي حڪومتن جي ??عا??ن سان لاڳو ڪيو ويندو. وفد پاڪستان جي قومي ڪلائوڊ اسٽريٽجي سان هم آهنگي نيشنل ڊيٽا سينٽر ٺاهڻ جي لاءِ ??عا??ن جي آڇ ڪندي آگاهه ڪ??و ته نيشنل ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ سان بهتر ڪلائوڊ سروسز جي فراهمي يقيني ٿي ويندي ۽ وڏو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وفد ٻڌا??و ته اسلام آباد کي سمارٽ سٽي بڻائڻ جي لاءِ هواوي پاڪستان جي حڪومت سان حصيداري جي خواهشمند آهي، اسلام آباد سمارٽ سٽي منصوبي تحت ٽريفڪ، صحت ۽ تعليم جي خدمتن کان وٺي پارڪنگ وغيره جهڙيون ٻيون سهولتون ڊيجيٽل پليٽ فارم تي ميسر هونديون. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.
حڪومتي ادارن جي ڊيجيٽائيزيشن وقت جي اهم ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena