اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معاشي بحالي جي لا??ِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ غيرفعال ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پار??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي تعليمدان ۽ برطانوي وزيراعظم جي ڊيليوري يونٽ جي اڳوڻي سربراهه سر مائيڪل باربر جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ برطانوي فارن، ڊيولپمينٽ ۽ ڪامن ويلٿ آفيس جي ڊائريڪٽر جوموئير ۽ سينيئر گورننس ايڊوائيزر نويد عزيز ۽ ميٽ ??لينسي شامل هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جا تاريخي ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته برطانيا ??اڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪست??ن جو اهم حصيدار آهي، اسان برطانوي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي معاشي بحالي جي لا??ِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ قدم کنيا ??يا ??ڃن، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان غيرفعال ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته روانگي واپار ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا ??يا ??ڃن. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت سان لاڳاپيل برآمدات جي حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت آهي. وفد کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي حوالي سان ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪيو ويو آهي. سر مائيڪل باربر حڪومت جي معاشي بحالي جي پلان کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي حوالي سان صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف جي موثر قيادت ۾ پاڪست??ن جلد ئي معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. وفد جي ميمبرن چيو ته برطانيا ??اڪستان کي هر شعبي ۾ ڀرپور مدد ۽ تعاون فراهم ڪندو، پاڪست??ن جي ترقي اس??ن جي ترقي آهي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن ??ار?? وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين ??ار?? وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار ??ار?? وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام ??ار?? مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا.
حڪومت معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ غيرفعال ادارن کي ختم ڪري، ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔