اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪي تعليمي پروگرام مضبوط بڻائڻ ۽ شاگردن کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو ??هي ته ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي لاءِ شاگردن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي تائين پهچ وڌائڻي پوندي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??يو ??ه پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي ضرورت آهي، شاگردن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ سان ??نهن جي تعليم تائين پهچ وڌندي، ڊيجيٽل ورڇ ختم ٿيندي. صدر ??يو ??ه نوجوانن کي ٽيڪنالاجي ۾ مهارتن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن اهي قومي ۽ عالمي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ??ه الله تعاليٰ پاڪستان کي وڏن انساني وسيلن سان نوازيو ??هي. صدر ??يو ??ه انساني وسيلن کي جديد ترين تعليم ۽ هنر فراهم ڪري هڪ طاقت بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ??عليم يافته ۽ هنرمند انساني وسيلا برآمد ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. صدر ??يو ??ه يونيورسٽيون هنرمند پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، پاڪستان کي ڊاڪٽرز، انجنيئرز، نرسن ۽ استادن جهڙا وڌيڪ پيشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. آصف علي زرداري چيو ??ه يونيورسٽيون شاگردن جي ڪ??دارسازي ۽ تعليمي معيار وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏين. صدر ??يو ??ه شاگردن جي حوصلا افزائي جي لاءِ قائداعظم يونيورسٽي جي پوزيشن هولڊرز کي روڪ صدارتي ??يوارڊز ڏنا وڃن. قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صدر ??ي يونيورسٽي جي تعليمي پروگرامن ۽ ٻين انتظامي معامن بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ??ه قائداعظم يونيورسٽي پاڪستان ??ي ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين مان هڪ آهي، عالمي درجابندي ۾ 315 هين نمبر تي ??هي. وائيس چانسلر چيو ??ه قائداعظم يونيورسٽي معاشري جي لاءِ ڪارائتي ??حقيق تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊيجيٽلائيزيشن قائداعظم يونيورسٽي جي اولين ترجيح آهي. صدر پاڪستان ??ي تعليمي شعبي ۾ يونيورسٽي جي ڪ??دار کي ساراهيو. صدر وائيس چانسلر کي يونيورسٽي جي مالي مسئلن کي مناسب فورم جي ذريعي حل ڪرائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.
صدر پاران ملڪي تعليمي پروگرام مضبوط بڻائڻ ۽ شاگردن کي جديد مهارتن سان ليس ڪرڻ جي ضرورت تي زور، ٽيڪنالاجي هاءِ ويز ٺاهڻ جي لاءِ شاگردن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بنيادي ڍانچي تائين پهچ وڌائڻي پوندي: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری