اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) ترڪه جي صدر رجب طيب اردوان شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچار?? جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ ع??م جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان جو وزيراعظم چوندجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم اخوت ۽ ڀائيچار?? جي ان احسن قدم تي صدر اردوان جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي وچ ۾ پائيدار ٻنڌڻ ۽ مضبوط مذهبي ۽ ثقافتي رابطا پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط رشتي جو بنياد آهن. وزيراعظم شهباز شريف اهو به چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ ترڪي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ صدر اردوان جي آجيان ڪرڻ جو منت??ر آهي. ٻنه?? ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود دوست?? جي مضبوط رشتن کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچار?? جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش ۽ ع??م جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتح??ل تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فلسطين مسئل?? جي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ س?? جي لاڳاپيل قراردادن موجب منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاران شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر