اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ??يو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اختلاف راءِ ??ي روڪڻ جي لاءِ ڀا??ت جي مهم زورن تي آهي. هن ??يو ته 10 فيبروري تي ڀا??ت جي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آءِ اي) مختلف شهرن ۾ جماعت اسلامي ڪشمير جي 15 ملڪيتن تي ڪيترائي ڇاپا هنيا ۽ اهي ڇاپا ڪشميري سياس?? تنظيمن جي خلاف جاري ڪريڪ ڊائون جو حصو هئا. ترجمان ??يو ته جماعت اسلامي انهن 6 سياس?? تنظيمن مان هڪ آهي جن تي ڀارت اڳ ۾ ئي پابندي هڻي ڇڏي آهي. هن ??يو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته هو ڪشميري سياسي ڪارڪنن ۽ پارٽين کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو بند ڪري. ترجمان پاڪستان جي ان مطالبي کي ورجايو ته سمورن ڪشميري سياسي قيدين ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جي قابل بڻايو وڃي. هن ??يو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات