اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي وطن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر 6 سيپٽمبر تي اوستئي پوسٽ ڪالاش ايريا ۽ جنگريٽ ڪوهه چترال ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي و??رث?? سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪندي ملڪ جي لاءِ قرباني تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جا قوم پا??ان ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ ذوالفقار علي ۽ سپاهي شهزاده اورنگزيب جي و??رث?? سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ شير نواز ۽ لانس نائيڪ شاڪرالله جي پونئيرن سان پڻ رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ??ئي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ ملڪ جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن