نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ساليانو 100 ارب ڊالر جي فراهمي جي واعدن تي ع??لد??آمد جو منتظر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ماحولياتي تبديلي جي ل??ءِ 100 ارب ڊالر جي فراهمي ۽ اسرندڙ ملڪن جي ل??ءِ اڌ مالياتي وسيلا رکڻ، موسمياتي تبديلي سان ٿيندڙ نقصانن جي ازالي جي ل??ءِ فنڊز جي فراهمي ۽ فنڊز جي انتظامن کي فعال بڻائڻ ۽ گلوبل وارمنگ کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ جي هدف جي ل??ءِ ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي هدفن جي حوالي سان ڪيل واعدن تي ع??لد??آمد جو منتظر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي درپيش فوڊ فيول ۽ فنانس چئلينجز، ڪووڊ، تڪرارن ۽ اسرندڙ ملڪن تي موسمياتي تبديلي جي اثرن جي ڪري آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کا?? وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. گذريل گرمي جي موسم جي شديد ٻوڏ اسان جي ملڪ جو ٽيون حصو ٻوڙي ڇڏيو، 1700 ماڻهو فوت ۽ 80 لک کا?? وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا، اهم انفراسٽرڪچر تباهه ۽ پاڪستان جي معيشت کي 30 بلين ڊالر کا?? وڌيڪ جو نقصان ٿيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان گذريل جنوري ۾ جنيوا ڪانفرنس ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبي تحت 10.5 ارب ڊالر کا?? وڌيڪ جي واعدن کي ساراهي ٿو، فور آر ايف منصوبي تي ع??لد??آمد ۽ فنڊز وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ مخصوص منصوبا پيش ڪيا پيا وڃن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جا ترقياتي حصيدار بحالي جي منصوبي جي ل??ءِ 13 ارب ڊالر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻائيندا.
پاڪستان ترقي يافته ملڪن پاران ڪوپ – 28 ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ساليانو 100 ارب ڊالر جي فراهمي جي واعدن تي عملدرآمد جو منتظر آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II