اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??يمرا ترميمي بل 2023ع قومي اسيمبلي جي اجلاس ۽ اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث هيٺ رهيو ۽ اتفاق راءِ سان منظور ٿيو، اهو چوڻ درست ناهي ته ??ن بل جي تياري ۾ جن ماڻهن سان مشاورت ٿي اهي ڪا معنيٰ نٿا رکن، سمورين ميڊيا تنظيمن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولدرز سان ??ل تي ڊگهي مشاورت ٿي، بل جي ڪنهن به شق تي اعتراض آهي ته اوهان ??رميم پيش ڪريو، پيمرا جو موجوده قا??ون پرويز مشرف جي دور جو ڪارو قا??ون آهي جي??و اسان ??ڀني ڀوڳيو آهي، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ۾ پيمرا چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، 2002ع جي قا??ون تحت پيمرا جو چيئرمين ڪنهن به چينل کي بند، معطل يا لائسنس رد ڪري سگهي ٿو، هاڻي اهو اختيار ڪائونسل آف ڪمپلينٽ وٽ هوندو جنهن ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو آهي. اهڙو اظهار هن سينيٽ جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ڪيو، اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ??ليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي جا ميمبر 7 آگسٽ تائين پنهنجون ترميمون پيش ڪندا، ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ??يمرا (ترميمي) بل 2023ع تي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ڊگهي مشاورت ٿي، قومي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ هي بل بحث هيٺ رهيو، ٻنهي اتفاق راءِ سان ??نهن جي منطوري ڏني، اهو چوڻ درست ناهي ته ان قا??ون تي جن ماڻهن سان مشاورت ٿي اها ڪا معنيٰ نٿا رکن، هن قانونن تي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ٿي، سموريون لاڳاپيل ميڊيا تنظيمون هن بل ۾ شامل رهيون، هن چيو ته ??يمرا (ترميمي) بل 2023ع ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، هن بل تحت ميڊيا هائوسز ٻن مهينن اندر سموريون بقايائون ادا ڪرڻ جون پابند هونديون، خلاف ورزي ڪندڙ ميڊيا هائوسز کي هڪ ڪروڙ روپين تائين ڏنڊ ٿي سگهندو جڏهن ته ??يمرا چيئرمين جا اختيار گهٽ ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ??يمرا چيئرمين جي سليڪشن جي باري ۾ به مڪمل طريقيڪار ڏنو ويو آهي، وفاقي وزير چيو ته ??يوز پيپر ملازمن لاءِ آءِ ٽي اين اي جو پليٽ فارم موجود آهي، هن پليٽ فارم ذريعي اسان ميڊيا مالڪن کان 14 ڪروڙ روپيا رڪوري ڪري نيوز پيپرز ملازمن کي پگها??ن جي مد ۾ ادا ڪيا. هن چيو ته ??يڊيا ورڪرز لاءِ اهڙو ڪو به پليٽ فارم موجود نه هو، کين ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايت جو حق ڏنو ويو آهي، هن چيو ته ??ن بل تحت ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته ??يڊيا هائوس ٻن مهينن اندر پنهنجي ملازمن جون سموريون بقايائون ڪليئر ڪندا، هن چيو ته اهو درست ناهي ته ??ائوسز کي پگها??ن جي ادائيگي ٻن مهينن ۾ ڪرڻ جو پابند ڪيو وڃي، ٻن مهينن جي شرط سمورين بقايائن جي ادائيگي جي باري ۾ آهي. هن چيو ته ??يڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگهارن کي حڪومتي بزنس سان ??وڙيو ويو آهي جي??ڏهن ڪو ميڊيا هائوس ٻن مهينن ۾ سموريون بقايائون ڪليئر نٿو ڪري ته ان ??ا اشتهار جاري نه ڪيا ويندا ۽ خلاف ورزي تي انهن تي هڪ ڪروڙ روپين تائين جو ڏنڊ به لڳي سگهندو، هن چيو ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين کي اپيل ۽ درخواست ڏيڻ جو حق ڏنو ويو آهي، ڪميٽي جي ميمبر عرفان ??ديقي پڇاڻو ڪيو ته ??يڊيا ورڪرز کي پگها??ن جي وقت سر ادائيگي ڪهڙي طرح يقيني بڻائي ويندي؟ هن چيو ته ??يڊيا هائوسز کي پابند ڪيو وڃي ته ??و هر مهيني پگها??ن جي ادائيگي بابت پنهنجي اسٽيٽمنٽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ جمع ڪرائين، جنهن تي وفاقي وزير چيو ته حڪومتي بزنس کي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي پگها??ن جي ادائيگي سان ڳنڍيو ويو آهي، جي??ڏهن ميڊيا هائوسز پگهارون ادا نه ڪندا ته کين اشتهار جاري نه ڪيا ويندا، هن چيو ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ شڪايت ڪندڙ جو تعلق جنهن شهر سان هوندو ان ??هر جي ڪورٽ مان ??سٽي ورتو ويندو، شڪايت ڪندڙ جي درخواست خلاف ڪنهن ٻي جي شهر جي ڪورٽ مان ??سٽي نه ورتو ويندو، هن چيو ته ??يمرا آرڊيننس 2002ع پرويز مشرف دور جو ڪارو قا??ون آهي پيمرا ترميمي بل 2023ع جي تياري ۾ جلد بازي يا تڪڙ کان ڪم نه ورتو ويو، هن بل جي تياري تي ڊگهي مشاورت ٿي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي آن بورڊ ورتو ويو. هن چيو ته ??يمرا جو موجوده قا??ون صرف هڪ ماڻهو کي اختيار ڏي ٿو ته ??و جي??و چاهي ڪري، هي هڪ اهڙو ڊريڪونين قا??ون آهي جي??و اسان ۽ اوهان ڀوڳيو آهي، ڪميٽي جي ميمبرن ۽ صحافين جي اعتراضن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته اوهان هڪ موقف ٻڌو، اوهان ٻڌايو ته ??ن بل ۾ ڪهڙيون غلطيون آهن، اوهان ??رميمون پيش ڪريو، پيمرا (ترميمي) بل 20 ڏينهن تائين پبلڪ ڊومين ۾ رهيو آهي، ان ??ي قومي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث ٿيو، ڪائونسل آف ڪمپلينٽ، پيمرا چيئرمين جي مقرري ۽ ٻن مهينن جي پگها??ن جي ادائيگي بابت اعتراض آهن ته اهي ختم ڪري سگهجن ٿا، اجلا س ۾ ڪميٽي جي ميمبرن چيو آهي ته ??يمرا (ترميمي) بل 2023ع تي اعتراض ڪندڙن پنهنجون ترميمون پيش نه ڪيو، ٿيڻ ته ائين ته گهرجي ها ته اهي پنهنجون ترميمون پيش ڪن ٿا، ان موقعي تي ڪميٽي جي ڪنوينر فوزيه ارشد چيو ته بل تي ٻنهي ڌرين جو موقف وٺڻ ضروري هو جي??ڏهن تقابلي نوٽس ملن ها ته ان ??و جائزو ورتو وڃي ها، هي هڪ سنجيده ۽ اهم آهي، سينيٽ ۾ به ان ??ي بحث ڪيو ويندو، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 7 آگسٽ تائين ڪميٽي جا ميمبر پيمرا بل تي پنهنجون ترميمون پيش ڪندا.
سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميمبر 7 آگسٽ تائين پنهنجون ترميمون پيش ڪندا، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع تي سمورين اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ٿي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا