اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مالديپ ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ مالديپ کي پاڪستاني مصنوعات برآمد ڪرڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستا?? مالديپ سان پنهنجي لاڳاپن کي ٻطرفي ڏس سميت سارڪ، او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ ۾ تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مالديپ جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلي جي شدت کي منهن ڏي?? جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته موسمياتي تبديلين سان ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ٻنهي کي هڪ جهڙو خطرو آهي. صدر چيو ته پ??ڪستان ۽ مالديپ کي سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجرب?? مان سک?? جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت پاران مسل??ان?? جي خلاف فرق ۽ انهن تي ظلم انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران مسل??ان?? خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺ?? جي ضرورت آهي. صدر سارڪ جا مقصد حاصل ڪر?? جي لاءِ تنظيم جي ڪردار تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪر?? جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر کي ان جي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي م??ار??باد ڏني ۽ پاڪستا?? مالديپ لاڳاپن کي بهتر بڻائ?? جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي ڪوششن کي ساراهيو.
مالديپ ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل